دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هفتيوار ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو فل سالٽ ٻئي نمبر تي موجود آهي. آءِ سي سي رينڪنگ موجب، نوجوان ڀارتي بيٽر تلَڪ ورما ڏکڻ آفريڪا خلاف چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي 69 درجا ترقي بعد ٽِين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. فهرست ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو هڪ درجو وڃائڻ بعد چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾بابر اعظم هڪ درجو تنزلي کانپوءِ پنجين جڏهن ته قومي ڪپتان محمد رضوان به هڪ درجو هيٺ ٿيندي ڇهين نمبر تي هليو ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي راشد خان جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته سريلنڪا جي ونندو هسارنگا ٻئي ۽ آسٽريليا جيو ايڊم زمپا پنج درجا بهتري بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽاپ ٽي ٽوئنٽي بالرن جي فهرست ۾ پاڪستان جو حارث رئوف چار درجا ترقي ماڻيندي 20 هين نمبر تي اچي ويو آهي، حارث رئوف ٽاپ ٽوئنٽي ۾ اڪيلو پاڪستاني بالر آهي. ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي هاردڪ پانڊيا پهرئين نمبر تي موجود آهي، نيپال جي ديپندرا سنگهه ايري جي ٻي پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته انگلينڊ جو ليام ليونگسٽن ٻه درجا تنزيلي کانپوءِ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.