لنڊن (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ موجب، انگلينڊ جو جو روٽ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي. ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 ۾ ڪو به پاڪستاني بيٽسمين شامل ناهي. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو سعود شڪيل 11 هين نمبر تي، محمد رضوان 14 هين نمبر تي ۽ بابر اعظم 20 هين نمبر تي آهي. آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ موجب، ڀارت جو جسپريت بمرا بالرن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي. پاڪستاني بالر نعمان علي ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڇهين نمبر تي آهي. زمبابوي جي فاسٽ بالر بليسنگ موزاراباني 14 درجا ترقي ڪري 15 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.