لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پاران آءِ سي سي ويمنز ڪواليفائر جي 6 ٽيمن جي رانديگرن ۽ آفيشلز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ويمنز ڪواليفائرجي ٽيمن جي مان م آجياڻي جي تقريب شاهي قلعي ۾ ڪئي ئي، جتي رانديگرياڻيون شاهي مهمان بڻيون، جڏهن ته تقريب ۾ پاڪستان، بنگلاديش، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ ٿائي لينڊ جي ٽيمن جون عورتون شريڪ ٿيون. تقريب دوران پرڏيهي رانديگرياڻين کي شاهي قلعي، بادشاهي مسجد، اقبال جي مزار ۽ حضوري ارڪ جو سير ڪرايو ويو. ان کان سواءِ پرڏيهي رانديگرياڻين رنگيلا رڪشا جي سواري به ڪئي. ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پاڪستان پر امن، محفوظ ۽ ڪرڪيٽ سان محبت ڪندڙن جو ملڪ آهي. آءِ سي سي ويمن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ سموري رانديگرياڻين جي آجيان ڪيون ٿا.