لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪپتان پاڪستان جي فاطمه ثنا کي مقرر ڪيو ويو آهي. ٽيم ۾ چئن ملڪن جا رانديگر شامل آهن، جن ۾ منيبه علي، نشره سنڌو، ۽ پاڪستان مان سعديه اقبال شامل آهن. بنگلاديش جون شرمين اختر ۽ نگار سلطانه، ويسٽ انڊيز جون هيلي ميٿيوز، عاليه الين ۽ شانيل هينري، ۽ اسڪاٽلينڊ جون ڪيٿرين برائس ۽ ڪيٿرين فريزر شامل آهن. بنگلاديش جي رابعه خان هن اعزازي ٽيم لاءِ ريزرو رانديگر هوندي. ياد رهي ته آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر لاهور ۾ منعقد ٿيو هو، جتي قومي ٽيم پنهنجا سڀئي ميچ کٽي وومين ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو. قومي ٽيم کان علاوه، بنگلاديش جي عورتن جي ٽيم پڻ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪئي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي عورتن جي ٽيم ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي.