دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) نئين ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ون ڊي بيٽرز ۾ ڀارت جي شُڀمَن گِل جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو ٻيو نمبر آهي. ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽئين، ڏکڻ آفريڪي بيٽر هينرڪ ڪلاسن چوٿين ۽ ويرات ڪوهلي پنجين نمبر تي موجود آهي. ون ڊي پلئيرز رينڪنگ ۾ محمد رضوان ٻه درجا بهتري سان 21 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته فخر زمان ٻه درجا تنزلي کانپوءِ 23 هين نمبر تي هليو ويو آهي. ون ڊي بالرن ۾ سريلنڪا جي مهيش ٿيڪشنا جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته ڀارت جي ڪُلدِيپ يادو جي ٻي پوزيشن برقرار آهي. افغان اسپنر راشد خان رينڪنگ ۾ هڪ درجو بهتري کانپوءِ پنجين نمبر تي اچي ويو، نيوزيلينڊ جو مچل سينٽنر ٻه درجا تنزلي کانپوءِ ڇهين نمبر تي هليو ويو آهي. شاهين آفريدي جي هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 12 هين پوزيشن آهي، جڏهن ته حارث رئوف به درجا تنزلي بعد 24 هين نمبر تي اچي ويو آهي.ون ڊي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جي عظمت الله عمرزئي جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي.