دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم 829 پوائنٽ سان پهرين نمبر تي موجود آهي. ون ڊي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي شُڀمَن گِل جو ٻيو نمبر آهي سندس پوائنٽون 818 مان وڌي 823 ٿي ويون آهن ۽ هو بابر اعظم کان صرف پنج پوائنٽون پوئتي آهي. آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 3 درجا بهترين کانپوءِ ٽئين، ڏکڻ آفريڪا جو ئي هينرڪ ڪلاس چار درجا ترقي ماڻڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جو امام الحق ون ڊي رينڪنگ ۾ ڏهين نمبر تي موجود آهي. هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ بالرن جي درجا بندي ۾ آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ جي پهرين پوزيشن جڏهن ته پاڪستان جو شاهين آفريدي 12 هين نمبر تي موجود آهي. آءِ سي سي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.