دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ميزباني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027، 2029 ۽ 2031 جي فائنل جي ميزباني جي درخواست کي رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو آهي ته ٽئي فائنل انگلينڊ ۾ منعقد ڪيا ويندا. ٽيليگراف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) اڳ ۾ ئي آءِ سي سي کي ايندڙ ٽن فائنلز جي ميزباني جي پنهنجي منصوبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. انگلينڊ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پهرين ٻن فائنلز جي ميزباني پڻ ڪئي، جنهن ۾ نيوزي لينڊ 2021 ۾ ڀارت خلاف افتتاحي ٽائيٽل کٽيو جڏهن ته آسٽريليا 2023 ۾ اوول ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو. موجوده ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ 2025 جو فائنل آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويو آفريقي ٽيم ٽيون ٽائيٽل کٽي ورتو آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انگلينڊ ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پر انگلش ٽيم ٽي ڀيرا پنهنجي هوم گرائونڊ تي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.