لنڊن (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي مردن جي مهيني جي بهترين رانديگر لاءِ نامزدگيون جاري آهن. هندستان جي شرياس ايير کي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ساڳئي طرح، نيوزي لينڊ جي جيڪب ڊفي ۽ رچن رويندرا کي به مهيني جي بهترين رانديگر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.آءِ سي سي وومين پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزدگين جو به اعلان ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي اينابيل سدرلينڊ ۽ جارجيا وال کي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي چيتانا پرساد کي به آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.