هيملٽن (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستان ٽيم مٿان ڏنڊ مڙھي ڇڏيو . آءِ سي سي طرفان پاڪستان ٽيم تي مقرر وقت دوران ھڪ اوور گهٽ ھلائڻ تي مئچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ڏنڊ قبول ڪري ورتو، پاڪستان تي پهرين ون ڊي ۾ به سلور اوور ريٽ سبب ڏنڊ ھنيو ويو ھو واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي 84 رنز تان ھارائي ۽ سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آھي.