ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديه ٽائون ڪيس، آءِ جي سنڌ پاران پوليس آفيسرن جي لاپرواهي، 50 مان 13 هزار روپوشن جو رڪارڊ نه هئڻ جو اعتراف، عدالت جو وفاقي حڪومت جي وڪيل ۽ ليبر کاتي جي سيڪريٽريءَ تي ناراضپو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪيترا اشتهاري گرفتار ڪيا آهن؟ جنهن تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 6125 اشتهارين سميت 12 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جسٽس امجد سهتو چيو ته جاچ آفيسر ڪيترن ڪيسن ۾ جوابدار جي نالي کانسواءِ والد ۽ رهائش جو ڏس پتو به نه ٿا لکن، جنهن تي آءِ جي سنڌ اعتراف ڪندي چيو ته 50 مان 13ھزار ڀاڳيلن جي والد جا نالا ۽ گهر جي ايڊريس رڪارڊ ۾ موجود ناھي، اها پوليس آفيسرن جي لاپرواهي آھي،اسان صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جسٽس امجد سهتو چيو ته اهو سلسلو ته 1980ع کان هلي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان اچي ويا آھيو ته ڪجهه ڪري وڃو، ان موقعي تي نادرا جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه جوابدارن جي غلط ڊيٽا هجڻ سبب شناختي ڪارڊ بلاڪ نه ٿي سگهيا آهن، اسان گهرو وزارت کي شناختي ڪارڊ نمبر بلاڪ ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، حماد صديقي، تقي حيدر شاهه ۽ خرم نثار جا شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن، عدالت چيو ته اسان آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، وفاقي حڪومت، نادرا، اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين کي هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت ڏئي رهيا آهيون، 4 هفتن اندر سڄي صوبي ۾ مفرور جوابدارن جا شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت اڳڀرائي واري رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت جي وڪيل تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ايف آءِ اي ڪجهه نه ڪندي ۽ توهان به ڪجهه نه ڪريو، توهان به وڃي ويهي رھو، عدالت نه اچو، ٻڌڻي دوران ليبر کاتي ڪراچي جي ڪارخانن ۽ صنعتن کي حادثن کان بچائڻ لاءِ قانونن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي. ليبر کاتي جي سيڪريٽري چيو ته عدالتي حڪم کانپوءِ 1530 فيڪٽرين جو معائنو ڪيو ويو، قانون موجود آهي، انهي کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جسٽس امجد سهتو چيو ته ملڪ کي 76 سال ٿي ويا آهن، قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟ عدالت ليبر کاتي جي سيڪريٽري شارق احمد کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان ڪيستائين آفيسن ۾ ويهندا؟ هر ڪارخاني جو هڪ دروازو هوندو آهي، حفاظتي انتظام نه هوندا آهن، جنهن ڪري حادثا ٿيندا آهن، عدالت لاڳاپيل ادارن کي چئن هفتن اندر عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.