ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ منظم ڏوهن جي روڪٿام لاءِ جڙيل ٽاسڪ فورس جي نئين سر جوڙجڪ، ڏوهن جي روڪٿام، منشيات فروشي، گٽڪي ۽ ماوي ۽ ٻين غيرقانوني ڪمن خلاف ڪارروائيءَ جو ٽاسڪ به ملي ويو. ملي ڀڳت ثابت ٿيڻ تي ضلعي ايس ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي رينج ۾ ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ کي ٽاسڪ فورس جو سپر وائيزري آفيسر ۽ ايس ايس پي بشير بروهي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو. ملير لاءِ ايس پي علينا راڄپر ۽ اي ايس پي قرت العين، ڪراچي اوڀر ۾ ماجده پروين ۽ اي ايس پي سيد عبدالرحيم سينٽرل ضلعي ۾ ايس پي مراد، اولهه ضلعي ۾ ايس پي انعم تجمل، ڪورنگي ۾ ايس پي حسيب جاويد سومار ميمڻ ۽ ڊي ايس پي منيشا روپيتا، ڪراچي سٽي ۾ اي ايس پي طارق محمود شيخ ۽ ڊي ايس پي زين رضا بلوچ، ڏکڻ ضلعي ۾ اي ايس پي صابره ايوب ۽ ڊي ايس پي احمد اقبال ميمڻ، ڪياماڙي ۾ اي ايس پي عتيق الرحمان ۽ ڊي ايس پي تابش علي شاهه کي ذميواري ڏني وئي. سکر رينج ۾ ايس ايس پي سميع الله سومرو، لاڙڪاڻي رينج ۾ ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص رينج ۾ ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو کي سپروائيزي آفيسر  مقرر ڪيو وي،و نوٽيفڪيشن موجب ٽاسڪ فورس اسپيشل برانچ جي اطلاع تي ڪٿي به آرگنائيزڊ ڏوهن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي. ضرورت پوڻ تي اهي سنڌ پوليس جي ڪنهن به يونٽ (آر آر ايف ۽ ايس ايس يو) کان نفري حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪامياب ڪارروائي جي صورت ۾ ٽاسڪ فورس جا ميمبر ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان ڪيس جي چالان تائين سموري پراسيس جي نگراني ڪندا. ٽاسڪ فورس جي ڪارروائي دوران ملوث ايس ايڇ او کان ايس ايس پي تائين آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيفيڪشن موجب وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ اچڻ تي وڌيڪ جاچ سي ٽي ڊي ڪندي.