ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ بي اي پاس استادن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج : پوليس جو تشدد 60 استاد گرفتار، ان ڏس ۾ 2018 ع ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري تعليم  کاتي ۾ جونيئر ايلمينٽري اسڪول ٽيچر ۽ ارلي چائلڊ اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ٿيل استاد مستقل نه ڪرڻ ۽ سالياني انڪريمينٽ نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتا ته پوليس اٽالن کين گهيري 60 کان وڌيڪ ميل توڙي فيميل استادن کي  مارڪٽ بعد گرفتار ڪري ورتو، احتجاج لاءِ آيل استادن ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي پاران کين 2018ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو ، اسان  چئن سالن کان ڪانٽريڪٽ تي نوڪري پيا ڪريون، اسان کي  ريگيولر نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري سالياني انڪريمينٽ ڏني وڃي، اساِن مطالبن جي مڃتا لاءِ  سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ پي چاهيو پر پوليس مٿن تشدد ڪري 60 استادن  کي گرفتار ڪيو آهي ، ٻئي طرف گرفتار ڪيل مرد توڙي عورت استادن کي ڪراچي جي آرٽلري ميدان ٿاڻي تي رکيو ويو هو، هوڏانهن آرٽلري ميدان ٿاڻي جي ايس ايچ او موجب سمورن گرفتار استادن کي آئينده قلم 144 دوران احتجاج نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد  آزاد ڪيو ويو آهي.