آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن جي مقررين وارو ڪيس

0
95
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن جي مقررين وارو ڪيس
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن جي مقررين وارو ڪيس

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن جي مقررين بابت جاري ڪيل اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو عدالت پاران سنڌ حڪومت کي آفر آرڊر حاصل ڪندڙ توڙي ڊپرائيوڊ قرار ڏنل تعلقن جي اميدوارن کي ٽيچر طور مقررين جا آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم آفر آرڊر حاصل ڪندڙ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي اميدوارن توڙي ڊپرائيوڊ تعلقه قرار ڏنل سنڌ جي 18 تعلقن جي اميدوارن مقرري نه ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي تعليم کاتي جي پاليسي چئلينج ڪندڙ اميدوار پٽيشنرز معشوق  ٻگهيو ۽ شعيب پليجو وڪيل معرفت منع نامو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي عدالت دليل ٻڌڻ بعد متاثر اميدوارن بابت جاري ڪيل اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت پاران آفر آرڊر حاصل ڪندڙ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 5 سئو کان مٿي پي ايس ٽي اميدوارن کي فوري طور پوسٽنگ آرڊر جاري ڪرڻ جا حڪم به جاري عدالت ڊپرائيوڊ قرار ڏنل 18 تعلقن جي ٽيسٽ پاس ٿيل توڙي ويٽنگ لسٽ ۾ رهيل اميدوارن بابت به منع نامو مڪمل طور واپس وٺي ڇڏيو.