اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيڍ ارب ڊالرز ملڻ جي اميد، آءِ ايم ايف جو 4 رڪني وفد ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد ٻن ڏينهن تائين پاڪستاني اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان تعارفي ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد وفاق سميت صوبن سان ڳالهيون ڪندو، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف گرين بجيٽنگ ڪلائميٽ ۽ موسمياتي تبديلي جي ٽريڪنگ ۽ رپورٽنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ڪلائميٽ بجيٽنگ جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جون اختياريون اڄ آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏينديون.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪاربان ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.