آءِ ايم ايف ڏيڍ ارب ڊالر جي نئين رعايتي قرض پروگرام لاءِ راضي: وفد 24 فيبروري تي پاڪستان ايندو

0
24
آءِ ايم ايف پاران سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا خرچ گهٽ قرار، زرعي ٽيڪس جاري رکڻ تي زور
آءِ ايم ايف پاران سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا خرچ گهٽ قرار، زرعي ٽيڪس جاري رکڻ تي زور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڏيڍ ارب ڊالرن جي نئين رعايتي قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون قرض پروگرام موسمياتي تبديلي جي نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ هوندو، دبئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف، جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪامياب ٿي. آءِ ايم ايف جو وفد 24 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف وفد نئين موسمياتي تبديلي قرض پروگرام تي ڳالهيون ڪندو. ذريعن موجب ٻه سال اڳ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو هيو. آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصان کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو، آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام ۾ موسمياتي تبديلي جي قدمن ۽ هدفن جو جائزو وٺندو، ذريعن چيو ته نئين موسمياتي تبديلي قرض پروگرام تي ڳالهيون مارچ جي پهرين هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.