اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس رليف بابت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن سليبز تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي شق 129 ۾ ترميم غور هيٺ آهي ۽ سالياني ٽيڪس فري آمدني جي حد 6 لک رپين کان وڌائي سگھجي ٿي. ذريعن موجب ماهوار 83 هزار رپيا آمدني تائين ٽيڪس کان مڪمل ڇوٽ تي اتفاق ٿيو آهي. ماهوار 1 لک رپيا آمدني تي ٽيڪس پنج سيڪڙو کان گهٽ ٿي اڍائي سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. ماهوار 1 لک 83 هزار رپيا آمدني تي 15 سيڪڙو جي شرح کي گهٽائي 12.5 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. ماهوار 2 لک 67 هزار رپيا آمدني تي 25 سيڪڙو بدران 22.5 ٽيڪس لاڳو ٿي سگھي ٿو. ماهوار 3 لک 33 هزار رپيا آمدني تي ٽيڪس 30 مان گهٽائي 27.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. 3 لک 33 هزار رپين کان وڌيڪ آمدني تي 32.5 ٽيڪس لاڳو ٿي سگھي ٿو. ذريعن مطابق آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين دوران پاڪستان اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته دفاعي ضرورتون مؤخر نه ٿيون ڪري سگهجن. آءِ ايم ايف دفاعي بجيٽ ۾ ضروري اضافي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ۽ بجيٽ ڳالهين دوران پاڪستان جون دفاعي ترجيحون تسليم ڪيون ويون آهن.