اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان يوڪرين کي هٿيارن جي وڪري جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي اکتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان يوڪرين کي ڪي هٿيار يا بارود وڪرو ناهن ڪيا اهڙيون خبرون من گهڙت آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ يوڪرين کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي خبر غلط آهي. پاڪستان يوڪرين ۽ روس ڇڪتاڻ وچ ۾ اڻ ڌريو آهي.