واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي معاشي رسالي بلوم برگ محمد اورنگزيب جي ناڻي واري وزير طور مقرري کي هاڪاري فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام کان پهرين محمد اورنگزيب جي مقرر هاڪاري قدم آهي، سيڙپڪارن جي دلچسپي پاڪستان جي نئين ناڻي واري وزير جي مقرريءَ ۾ هئي. بلوم برگ موجب، ٽيڪنوڪريٽ جي ناڻي واري وزير طور مقرري ملڪي معاشي چيلينجز کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير جو ڪردار ڪارائتو هوندو. بلوم برگ چيو ته محمد اورنگزيب سڌارا آڻڻ لاءِ اِهو سڀ ڪجهه ڪندو جيڪو ضروري هوندو، سندس ماضي ٻڌائي ٿوته هو ٽئڪس جي بنياد وسيع ڪرڻ لاءِ ريئل اسٽيسٽ ۽ ريٽيلرز تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو. بلوم برگ موجب، نئون ناڻي وارو وزير نجڪاري واري عمل ۾ ايس آءِ ايف جي مدد ڪندو.