اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم سان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا ڪالهه اڱاري ڏينهن دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ (ڊبليو جي ايس) 2025 جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي جاري آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن ذريعي حاصل ڪيل ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڳالهين ۾ ادارتي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۽ مالياتي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو، جيڪي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي ۽ ملڪ ۾ مستقبل جي بحالي لاءِ اهم آهن. وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي توسيع ٿيل فنڊ سهولت (اي اي ايف) تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جي اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان کي ڊگهي مدي واري بحالي واري رستي تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اهم شعبن جهڙوڪ ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نجي شعبي جي ترقي جهڙن شعبن ۾ پيش رفت کي برقرار رکڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو. هن مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيووا کي پاڪستان جي اقتصادي استحڪام جي منصوبي، موثر ڪارڪردگي ۽ منصوبابندي جي پائيداريءَ لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو، جيڪي پاڪستان ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم جزا آهن. مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيووا آءِ ايم ايف جي سهڪار سان هلندڙ پروگرام کي موثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام کانپوءِ ترقي جي رجحان سان ملڪي معيشت بهتر نموني سان ڪم ڪري رهي آهي. اِن سان گڏ پاڪستان ۾ افراط زر ۾ گهتائي سان گڏ سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اعتراف ڪيو ته پاڪستان معاشي بحاليءَ جي حاصلات کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل درآمد لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ذاتي عزم جي به واکاڻ ڪئي جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا جي حمايت لاءِ آءِ ايم ايف جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري مالياتي نظم و ضبط، ادارتي سڌارن ۽ موثر گورننس جي اهميت تي زور ڏنو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو بجلي جي اگهن تي اتفاق نه ٿيڻ جو خدشو ناهي رهيو، آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو آهي ته منصوبو ٺاهي کڻي اچو اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندو، آرمي چيف سان گڏ ابوظهبي ۾ صدر يو اي اي سان اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ جي موقعي تي سريلنڪا، بوسنيا ۽ ڪويت جي اعليٰ قيادت سان به ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم چيو ته هن دبئي ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن سان ملاقات ڪئي جن انتهائي دوستانه ماحول ۾ مثبت تجويزون ڏنيون ۽ وزيراعظم کي چيو ته هو واپاري دوستي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي. شهباز شريف چيو ته مون سيڙپڪارن کي چيو ته پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي معاشي ترقي جي شرح لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. دبئي ۾ ڊي پي ورلڊ جي سي اي او سان ملاقات ٿي آهي، انهن جو ڪراچي مان پپري پروگرام تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دبئي اجلاس ۾ غزه بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو، 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، نسل ڪشي جو بدترين مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، هاڻي اميد رکڻ گهرجي ته اتي امن قائم ٿيندو ۽ بحالي کانپوءِ انهن کي جيئڻ جا موقعا ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه سعودي عرب جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت لاءِ عالمي فورمن تي ڀرپور ڳالهه ڪئي آهي، سعودي عرب پاڪستان جو برادر ملڪ ۽ بااعتماد ساٿي آهي، پاڪستان ڪڏهن به سعودي عرب جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت تي سوديبازي ڪرڻ نه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ڪئي هئي. آءِ ايم ايف جي سربراهه پاڪستاني حڪومت جي تمام سٺي انداز ۾ تعريف ڪئي، مون گذريل ڪجهه سالن ۾ عالمي فورم جي سربراهه کان اهڙا لفظ نه ٻڌا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم ناڻي واري وزير، واپار واري وزير سميت وفاقي ڪابينا جي ميمبرن تعريف ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي سربراهه توانائي واري وزير، واپار واري وزير، نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير سميت سڀني جي ساراهه ڪئي پر مون کيس چيو ته هاڻي صنعتون، برآمدات ۽ معيشت تڏهن ئي هلندا جڏهن پيداواري قيمتون گهٽ هونديون، ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان جو ڊيوٽي ڍانچو ۽ توانائي جون قيمتون گهٽ هونديون، روزگار ۽ پيداوار تڏهن ئي وڌي سگهندي جڏهن اسان دنيا جي ملڪن جو مقابلو ڪري سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي سربراهه ان بابت تمام گهڻي مثبت ڳالهه ڪندي چيو ته توهان پنهنجو پلان آڻيو، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته مون ڊپٽي وزيراعظم کي هدايت ڪئي آهي ته صوبن سان گڏ آءِ ايم ايف وٽ وڃو، اهي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن، وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي صنعتن ۽ معيشت کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا ته محنت ڪري اهو منصوبو آڻيو.هي وقت پرسڪون ٿيڻ ۽ خوشيون ملهائڻ جو ناهي.
اسلام آباد(بيورورپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي. 17 کان 22 گريڊ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي گهرڀاتين جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو پابند بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪابينا ان سلسلي ۾ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 ۾ نئين شق 15 اي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ترميم موجب سرڪاري ملازمن کي پنهنجا ۽ گهرڀاتين جا ملڪي ۽ پرڏيهي اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا. ايف بي آر وٽ موجود ڊيٽا جون آءِ ڊيز، بانڊ جا نمبر نجي رکيا ويندا. ڊجيٽل فائلنگ جو نظام لاڳو ٿيندي ئي پرڏيهه ۾ جائدادن ۽ سيڙپڪاري کي ظاهر ڪرڻ لازمي هوندو. پرڏيهي بينڪ اڪائونٽن، ملڪيتن ۽ ڪاروباري سيڙپڪاري جا تفصيل به ڏيڻا پوندا. سمورن ماڻهن جي پرائيويسي ۽ سيڪورٽي کي نظر ۾ رکيو ويندو. ترميم ۾ ايف بي آر، روينيو، ناڻي وزارت ۽ قانون واري وزارت جي سفارشن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ترميمي مسودو جلد پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو.