اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاران پاڪستان سان سهڪار اڳتي وڌائڻ جي اُميد ظاهر ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف مشن جي تازي پاڪستان واري دوري بابت جاري ٿيل بيان ۾ پاڪستان جي سنجيدگي ۽ عزم جي ساراهه ڪئي وئي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته سندن مشن 6 کان 14 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، اُن جو مقصد گورننس ۽ بدعنواني جي نشاندهي بابت جائزي جي تياري لاءِ شروعاتي ڪم مڪمل ڪرڻ هو، دوري دوران آءِ ايم ايف مشن ناڻي وزارت، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن سان گڏجاڻيون ڪيون، مشن پاران قانون وزارت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان به مشاورت ڪئي وئي، آءِ ايم ايف وفد ايس اِي سِي پي، آڊيٽر جنرل آفيس جي اختيارين، ڪاروباري برادري، سول سوسائٽي ۽ عالمي ڀائيوارن سان به ملاقاتون ڪيون، آءِ ايم ايف مشن هلندڙ سال جي آخر ۾ ڄاڻ سهيڙڻ لاءِ ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪندو.