آءِ ايم ايف پاران قومي اسيمبلي مان منظوري بنا دفاع ۽ ٻين لاءِ 344 ارب گرانٽس تي خدشا ظاهر

0
20
آءِ ايم ايف پاران قومي اسيمبلي مان منظوري بنا دفاع ۽ ٻين لاءِ 344 ارب گرانٽس تي خدشا ظاهر
آءِ ايم ايف پاران قومي اسيمبلي مان منظوري بنا دفاع ۽ ٻين لاءِ 344 ارب گرانٽس تي خدشا ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف قومي اسيمبليءَ مان منظوري کان بغير دفاع، آءِ پي پيز، ۽ ٻين شعبي ۾ 344 ارب رپين جي گرانٽ ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف قومي اسيمبليءَ کان منظوري جي بغير انهن خرچن کي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال دوران مجموعي طور 344 ارب 64 ڪروڙ رپيا اضافي طور خرچ ڪيا آهن. بجلي جي شعبي ۾ آءِ پي پيز کي 115 ارب رپيا گرانٽ طور ڏنا ويا، دفاعي خرچن لاءِ 59 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري طلب ڪئي وئي. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن لاءِ 14 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ فوج کي 23 ارب رپين جي گرانٽ ڏني وئي، جڏهن ته ٽيڪنالاجي اپگريڊ لاءِ 2 ارب رپين جي منظوري ورتي ويندي. اهڙي طرح ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ 3.7 ارب رپيا اضافي رقم جاري ڪئي وئي. پارليامينٽ ميمبرن جي اسڪيمن لاءِ 7 ارب جاري ڪيا ويا. ايف بي آر جي مخلتف مد ۾ 6 ارب رپين جي گرانٽس ڏني وئي. جنهن ۽ سپريم ڪورٽ، ھاءِ ڪورٽ، گهرو وزارت سميت ٻين کاتن جا خرچ شامل آهن.