اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) آءِ ايم ايف جو 10 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو، ناڻي واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ وفد جي آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿي، آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏني وئي، پاڪستان پهتل آءِ ايم ايف وفد جي ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال سان ملاقات ڪئي، آءِ ايم ايف کي ايف بي آر ۾ آڊٽ معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ چوري روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪيتن جي غلط ماليت ڏيکاريندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي، حڪومت ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري کي فعال ڪرڻ جي خاطري ڪرائِي، حڪومت خاطري ڪرائي ته ملڪيتن جي غلط ماليت ظاهر ڪرڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ٿيندون ۽ رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ايجنٽن کي 5 لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو. اهڙي طرح ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي کي به 3 سال سزا جو اختيار ملي سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اٿارٽي غلط ملومات تي ايجنٽن جا لائسنس رد ڪري سگهي ٿي. اٿارٽي کي غلط معلومات ڏيڻ تي 2 کان 5 لک رپيا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو. اٿارٽي ملڪيت جي غلط منتقلي تي 5 کان 10 لک رپيا ڏنڊ به لڳائي سگهي ٿي. اهڙي طرح ريگيوليٽري اٿارٽي کي گهربل دستاويز فراهم نه ڪرڻ تي 2 لک رپيا ڏنڊ به لڳي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف وفد جي رٿابندي وزارت جي عملدارن سان به ملاقات ٿي، آءِ ايم ايف کي گرين انيشيٽو رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي جي منصوبن تي رپورٽ ڏني وئي، ناڻي وزارت آءِ ايم ايف مطالبي تي پلاننگ ڪميشن کي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ هلندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي خرچن ۽ ڪٽوتي به ڳالهيون ٿيون،معاشي ٽيم اڄ آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات ڪندي. آءِ ايم ايف مشن پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن سان به ڳالهيون ڪندو، آءِ ايم ايف کي 7 ارب ڊالرز قرض پروگرام جي شرطن تي عمل ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ رپورٽ پيش ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف وفد پاڪستان کي 1.1 هڪ ارب ڊالرز جاري ڪرڻ بابت سفارشون تيار ڪندو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 15 مارچ تائين ڳالهيون هلنديون، آٰءِ ايم ايف وفد جي اڳواڻي ناٿن پورٽر ۽ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪندو، آءِ ايم ايف وفد کي زرعي آمدن تي ٽيڪس بابت بريفنگ به ڏني ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي شرط تي عملدرآمد جي رپورٽ به پيش ڪئي ويندي، پاڪستان ايندڙ آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت تجويزون به ڏيندو. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان سان به الڳ الڳ ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف وفد پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ڪندو، جنهن کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ذريعن موجب، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 6008 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن سبب حڪومت آءِ ايم ايف کان ٽيڪس هدف ۾ نرمي لاءِ درخواست ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. رپورٽن موجب، زرعي آمدني تي ٽيڪس وصوليءَ ۾ دير تي رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي 70 رپيا في ليٽر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي ٽيڪس بابت قانونسازي مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس سبسڊيءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو خواهشمند آهي، بجيٽ خساري کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جو امڪان آهي.