اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت جو بجلي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته بجلي جي بلن ۾ رليف سان ساڍا 6 ارب رپين کان گهٽ جو اثر پوندو، آءِ ايم ايف پلان رد ڪندي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جو اثر ٻڌايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 15 ارب جي مالياتي گنجائش پوري ڪرڻ جو پلان به گهري ورتو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٻيهر پلان شيئر ڪرڻو آهي، جنهن سبب دير ٿي رهي آهي، نئون پلان شيئر ٿيڻ تي آءِ ايم ايف اختياريون ۽ ناڻي واري وزارت ٻيهر ڳالهيون ڪنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ مان آئوٽ نه ٿيڻ جي آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي، بلن کي 4 مهينن ۾ وصول ڪرڻ لاءِ به آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب بلن جي قسطن ۾ وصولي جي پلان تي آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي بجلي شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي چورن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، بجلي جي ايندڙ پيداواري منصوبن ۾ قابل تجديد ۽ هائيڊل ذريعن کي ترجيح ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ گهٽتائي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٽرانسفارمر ميٽرنگ جو منصوبو لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، بجلي جون رهتون نه ڏيندڙن جي خلاف صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي فوري طور تي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي۽ ان تي اڳڀرائي تي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بجلي جي رهتون نه ڏيندڙن ۽ بجلي چون جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ننڍي هائيڊل منصوبن لاءِ ماهرن جي رهنمائي ۾ منصوبا ٺاهي پيش ڪيا وڃن، نگران وزيراعظم چيو ته ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن ۾ مهانگي درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي کي ترجيح ڏني وڃي، 2400 ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبن جي تعمير تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي شعبي جو گردشي قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي ملڪ ۾ بجلي جي انرجي مارڪيٽ قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انرجي مارڪيٽ قائم ڪرڻ سان بجلي جي شعبي جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي ۾ موثر اضافو ٿيندو جنهن سان 2 ڪروڙ 70 لک گهريلو صارفين کي فائدو ٿيندو. اجلاس کي سڄي ملڪ ۾ بجلي نظام جي نقصانن ۽ وصول نه ٿيندڙ رقم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ وصولين جي نقصانن، بجلي چوري جا پڻ انگ اکر پيش ڪيا ويا.