اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي ايندڙ مالي سال لاءِ تجويز ڪيل بجيٽ هدفن تي اعتراض ڪندي ترقياتي منصوبن جي مالي بار تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب ترقياتي منصوبن جو ٿرو فارورڊ 10 هزار ارب رپين کان وڌي چڪو آهي، وزيراعظم شهباز شريف منصوبابندي واري وزارت کان 500 جاري ترقياتي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. اڪثر ترقياتي منصوبا مهانگا انفرا اسٽرڪچر سان لاڳاپيل آهن، جنهن ڪري حڪومت کي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. مالياتي ۽ منصوبابندي واري وزارتن جي وچ ۾ اختلاف به سامهون آيا آهن، ذريعن موجب بجيٽ هدفن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب ايندڙ مالي سال جي منصوبا بندي دير جو شڪار ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سالياني منصوبابندي رابطي واري ڪاميٽي جو اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن جي نئين تاريخ بعد ۾ ڏني ويندي. ان اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ معاشي منصوبا بندي تي سفارشون تيار ٿيڻيون هيون، گڏوگڏ هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻو هو. اجلاس جي دير سبب بجيٽ سازي جي عمل تي منفي اثر پوڻ جو خدشو آهي. آءِ ايم ايف بجيٽ مشاورت لاءِ ورچوئل ڳالهين کان اڳ پاڪستان کان گيس ڪمپنين جو ڊيٽا گهري آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بجيٽ مشاورت لاءِ ورچوئل ڳالهين جي شروعات اڄ ٿيندي، ان ڳالهه ٻولهه دوران گيس شعبي جي گردشي قرضي تي به بحث ٿيڻ جو امڪان آهي، پيٽروليم ڊويزن پاران گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ پلان فراهم ڪيو ويندو. گيس شعبي جو گردشي قرض 2800 ارب رپين کان وڌي چڪو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي گيس ڪمپنين جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ منافعو، نقصان ۽ بيلنس شيٽ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته حڪومت گيس شعبي جو گردشي قرضو ايندڙ پنجن سالن ۾ ختم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪندي.