اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان پهتل آءِ ايم ايف وفد جون ايف بي آر اختيارين سان ڳالهيون شروع ٿي ويون، چيئرمين ايف بي آر جي سربراهي ۾ ٽيم جي آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايم ايف وفد سان اجلاس ۾ اسٽيٽ بينڪ جون اختياريون به شريڪ هيون، آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ويو ته پهرين ٽي ماهي ۾ 2هزار 652 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين 96.6 سيڪڙو ٽيڪس هدف پورو ڪيو، سيپٽمبر ۾ هڪ هزار 98 ارب هدف کان 8 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين چئن مهينن ۾ ٽيڪس هدف ۾ 190 ارب شارٽ فال رهيو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ٽيڪس اثاثن ۾ 76 سيڪڙو اضافو ٿيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان اڄ ملاقات ڪندو