اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس , جي يو آءِ جي ميمبر قومي اسيمبلي نور عالم خان آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيو , نورعالم خان  چيو آھي ته ڇا آء ايم ايف  ايٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪرڻ جو چوي ته اسان ڪري ڇڏيندا سين  ,  بچاء  واري وزير خواجه آصف چيو ته آءِ ايم ايف سبب اسان جو ساهه ضرور بحال ٿيو  پر ان سان ايٽمي پروگرام کي ڪو خطرو ناهي. آءِ ايم ايف جي چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات تي ميڊيا ۽ عوامي هنڌن تي سوال اُٿاريا پي ويا جنهن بعد  هاڻي اهي سوال قومي سايمبلي اجلاس ۾ به اُٿاريا پيا آھن . جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نور عالم خان حڪومت قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد چيف جسٽس سان ڪهڙي حيثيت ۾ مليو اڄ آءِ ايم ايف عدليه سان ملاقات ڪري رهيو آهي. سڀاڻي آءِ ايم ايف ايٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪرڻ جو چئي ته ڇا ائين ڪندا سين  . وزير دفاع خواجه آصف چيو ته آءِ ايم ايف سان ايٽمي پروگرما کي ڪو به خطور ناهي. عدليه اهم اسٽيڪ هولڊر آهي معاشي صورتحال جي لاءِ عدليه اهم آهي ان لاءِ آءِ ايم ايف چيف جسٽس سان مليو. ءِ ايم ايف اسان جي خواهش نه مجبوري آهي جنهن سان اسان جو ساهه بحال ٿيو آهي. چيف جسٽس سان آء ايم ايف جي ملاقات چيف جسٽس جي رضامندي سان ٿي هوندي چيف جسٽس ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري پئي سگيو