اسلام آباد(بيورو رپورٽ) امير جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد جي عدليه سان ملاقات نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ منفرد واقعو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ هڪ منفرد واقعو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) اسان جي عدليه سان ملڻ چاهي ٿو. هن سوال اٿاريو ته ڇو مليا آهن، ڪهڙي طرف اشارو آهي؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته لڳي ٿو ته بهتر معيشت جو تعلق عدل ۽ انصاف سان آهي ۽ کين اسان جي عدل ۽ انصاف تي خدشا آهن، شايد ان ڪري مليا آهن.