اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف وفد سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدليه جي سزا جزا جي نظام جو  دفاع ڪيو ويو. آءِ ايم ايف وفد سان سپريم ڪورٽ بار ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي مطابق پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالت سڌارن تي زور ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدليه ۾ سزا جزا جي نظام جو دفاع ڪيو ويو. عدليه جي سڌارن سان غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. پڌرائي  چيو ويو آهي ته صدر سپريم ڪورٽ بار قانون جي حڪمراني جي اهميت تي زور ڏنو . صدر سپريم ڪورٽ بار مالي  ڏوهن جي خاتمي جي قدمن تي زور ڏنو ۽ عدالتي نظام جي ڪمزورين لاءِ متبادل قدمن تي زور ڏنو ويو.