اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ويو آهي، معاشي ترقي لاءِ معاشي استحڪام تمام ضروري آهي، جڏهن ته وياج جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر اڃا به وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير چيو ته گورننس جي معاملي تي آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آيو آهي، آءِ ايم ايف جو وفد بجيٽ تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، آءِ ايم ايف سان گورننس جا هدف اڳ ۾ ئي طئي ٿيل آهن. هن چيو ته ٽيرف کانپوءِ آمريڪا سان نئين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اعليٰ سطحي وفد آمريڪا ويندو، آمريڪا ٽيرف کانپوءِ ڳالهين لاءِ نئون پيڪيج تيار ڪري رهيا آهيون. آمريڪي ٽيرف کانپوءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، آمريڪي ٽيرف لڳائڻ کانپوءِ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويو آهي، پرڏيهي محاذ تمام گهڻو بهتر ٿي چڪو آهي، ناڻي وزير چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اسان جي ذميواري آهي ته مهانگائي ۾ گھٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچي، ضروري شين جي اگھن جي نگراني لاءِ ادارتي نظام بڻائي رهيا آهيون، وياج جي شرح ۾ گھٽتائي سان معيشت تي هاڪاري اثر پوندا آهن، توانائي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، ناڻي وزير چيو ته هن سال ترسيل 36 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ جو اندازو آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽ به وڌي رهي آهي. جون جي آخر تائين ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا. ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويو آهي، هن ڀيري قومي مالياتي معاهدي ۽ زرعي انڪم ٽيڪس جي وصولي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان اسٽرڪچرل بينچ مارڪ حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته صوبن به پهريون ڀيرو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. اميد آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ مان هڪ ارب ڊالرن جي ٻي قسط جلد منظور ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف سان موسمياتي تبديلي تي به معاهدو ٿي ويو آهي. اسان کي هڪ ارب ڊالر هڪ وقت نه ملندو پر مرحيلوار ملندو. جئين اسان موسمياتي تبديلين جا حدف حاصل ڪنداسين رقم ملندي ويندي. هن چيو ته اسان ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح کي 10.8 سيڪڙو تائين ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪس جي وصولي کي وڌايو پيو وڃي، ايف بي آر ۾ ڊيجيٽائيزيشن مان فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي، کنڊ، ڀاڻ، تمباڪو ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي، سيمينٽ تي عملدرآمد اڃا مڪمل ناهي ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي ادائگي کي آسان بڻايو ويندو، ايندڙ مالي سال ۾ پگهاردار طبقي لاءِ سيلف ٽيڪس ادائگي جو نظام لاڳو ڪيو ويندو.