اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان پهچي ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد جي اسلام آباد پهچڻ بعد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري پڻ شروع ٿي وئي آهي، عالمي مالياتي اداري جو وفد بجيٽ تجويزن جو جائزو وٺندو، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس روينيو قدمن ۽ خرچن تي ڪنٽرول بابت پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو، بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ناڻي واري وزارت سان گڏجي تجويزون تيار ڪندو، ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف وفد سومر کان حڪومتي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، وفد جي موجودا دوري جو مقصد معاشي سڌارن کي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي فني مدد فراهم ڪرڻ آهي.