اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر جي ذميوارن چيو آهي ته ايف بي آر ۽  آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران  آءِ ايم ايف سان ڪو  نئون ٽيڪس لڳائڻ وارن معامرن تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. ايف بي آر جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ماهوار 50 هزار روپيا آمدني وارن جي لاءِ ٽيڪس چوٽ برقرار رهندي. ساليانو 6 لک روپيا ڪمائيندڙن کي ٽيڪس چوٽ نه پئي ڏني وڃي. ٽيڪس استثنيٰ واپس وٺڻ متعلق ڪا به پاليسي يا تجويز غور هيٺ ناهي. عالمي بينڪ موجودا 6 لک جي حد ۾ گهٽتائي جي تجويز ناهي ڏني. زرعي شعبي مان حاصل آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ صوبن جو معامرو آهي.