اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آءِ ايم ايف جو صنعتي شعبي جي وڊيو مانيٽرنگ جو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو. ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايف بي آر صنعتي شعبي جي پيداوار جي نگراني ڪندو، سينٽرل ڪنٽرول يونٽ ايف بي آر کي ريئل ٽائيم ڊيٽا فراهم ڪندو. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته پيداواري رڪارڊ جو تجزيو ڪري قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، وڊيو مانيٽرنگ کانسواءِ فيڪٽري مان سامان نه ٿو ڪڍي سگهجي، وڊيو نگراني جو سامان لائسنس يافته وينڊرز کان لڳايو ويندو. ان کان علاوه بااختيار وينڊرز نصب ٿيل ٽيڪنالاجي کي وقت بوقت اپڊيٽ ڪرڻ جو پابند هوندو.

اسلام آباد: آءِ ايم ايف زرعي انڪم ٽيڪس جي قانون سازي تي راضي، پي آءِ اي ۽ بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي جلد نجڪاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستاني عملدار پراميد آهن ته مشن ٽن شعبن ۾ خدشن باوجود قرض جي سفارش ڪندو.. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهين ڪالهه آخري ڏينهن ٿي گذريو، وڌيڪ ڳالهين لاءِ آن لائن رابطو برقرار رکيو ويندو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ريٽيل، هول سيل ۽ ريئل اسٽيٽ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته ايف بي آر ريئل اسٽيٽ ۽ پراپرٽي سيڪٽر لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف کي لکت ۾ واپارين جي رجسٽريشن لاءِ مهم جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف بينڪ فراڊ کي روڪڻ لاءِ موثر پوائنٽ آف سيل، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تي زور ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ڳالهين بابت بيان جاري ڪندو. پاڪستان کي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ هڪ ارب ڊالر قسط جاري ٿيندي.