لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته شهباز شريف جو خطاب ڪوڙ جو مجموعو هو، جنهن ذريعي قوم کي شيشي ۾ اتارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڊيل تحريڪ انصاف جي تائيد ۽ حمايت بعد ئي ميسر ٿي سگهي، وزيراعظم جي قوم کي خطاب تي ردعمل ڏيندي تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم جو خطاب ڪوڙ، مڪر ۽ فريب جو مجموعو هيو، جنهن ذريعي مجرماڻي ڪارڪردگي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته تقرير لکندڙن جي لفاظي سان جادو جاڳائڻ ۽ بي معنيٰ ڳالهين سان قوم شيشي ۾ نه پهرين لٿي آهي ۽ نه ئي هاڻي لهندي، ڇو ته شهباز شريف جي پوري سياست چٽي ڏينهن وانگر قوم سامهون آهي.