اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي ڳالهيون ايندڙ هفتي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته بجيٽ ۾ ريٽيلرز، هول سيلرز واپارين ۽ مختلف شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڌيڪ پينشن حاصل ڪندڙن لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. رپورٽ موجب انهن ڳالهين ۾ بجيٽ ۾ ٽيڪس سڌارن بابت آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، جنهن تحت اقتصادي زونز کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ نه ڏيڻ، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏيڻ جون تجويزون غور هيٺ آهن. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ لاءِ ٽيڪس تجويزن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد سان ڳالهيون ايندڙ هفتي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جا اعليٰ عملدار انهن ڳالهين ۾ حصو وٺندا. فيصلو ڪيو ويو آهي ته نون اقتصادي ۽ برآمدي پروسيسنگ زونن کي ٽيڪس مراعات نه ڏنيون وينديون، جڏهن ته موجوده خاص اقتصادي زونن کي حاصل ٿيندڙ مراعات 2035 تائين ختم ڪيون وينديون. ذريعن موجب ڪلائيميٽ فنانسنگ پروگرام تحت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پنج رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاربن ليوي جي حد ۽ ان جي عملدرآمد جي طريقي تي آءِ ايم ايف سان صلاح ڪئي ويندي. ايندڙ مالي سال لاءِ ڪاربن ليوي کي فنانس ايڪٽ جو حصو بڻايو ويندو. ذريعن موجب نئين بجيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. ان سلسلي ۾ اي وي گاڏين لاءِ سبسڊي فراهم ڪرڻ ۽ دونھون ڇڏيندڙ گاڏين تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ نئين پنج سالا قومي اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي متعارف ڪرائڻ لاءِ تياريون پڻ جاري آهن، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيون وينديون.