اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاران پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي جي حدف ۾ 64 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  آءِ ايم ايف سالياني ٽيڪس وصولين جو حدف 1297 ارب کان گهٽ ڪري 1233 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف ٽيڪس وصولي جي حدف ۾ 64 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي، ذريعن موجب ايف بي آر آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصوليون 1233 ارب رپيا ڪرڻ جو واعدو ڪري رکيو آهي، ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف سان معاهدي تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب مارچ ۾ ٽيڪس وصولي 107 ارب گهٽ ٿي، مارچ ۾ ٽيڪس وصولي جو حدف 1220 ارب هو پر ايف بي آر 1113 ارب ٽيڪس جمع ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو گڏيل خسارو 708 ارب ٿي ويو.