اسلام آباد (بيورو رپورٽ + مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت  نگران حڪومت جي ذريعي آءِ ايم ايف کان نئون قرض وٺڻ جي تجويز تي غور شروع ڪري ڏنو آھي . ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده قرض پروگرام 30 جون تي ختم ٿي ويندو، حڪومت پروگرام ۾ توسيع نه ڪرائيندي، ناڻي وزارت آگسٽ جي مهيني ۾آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪندي ان حوالي سان تياريون ڪري رهي آهي، معاشي ٽيم آءِ ايم ايف کان نئون قرض وٺڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق باجوا ۽ ناڻي سيڪريٽري نئين پروگرام بابت ورڪنگ ڪري رهيا آهن، ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قرض جو معاهدو موجوده پروگرام کان وڌيڪ سخت هوندو، آءِ ايم ايف جو نئون بيل آئوٽ پروگرام 3 سالن کان وڌيڪ جو هوندو، هن سال ڊسمبر تائين پاڪستان کي وڌيڪ 9 کان 11 ارب ڊالر جون ادائگيون ڪرڻيون آهن، ايندڙ بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 22 کان 24 ارب ڊالر جون ادائگيون ڪرڻيون پونديون، ناڻي وزارت جي ذريعن  موجب موجوده پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ئي 30 جون تي ختم ٿي ويندو.ٻئي طرف ناڻي جي مملڪتي وزير عائيشه غوث پاشا چيو آھي ته آء ايم ايف کانسواء ڪنهن ٻئي پلان تي نه سوچي رهيا آھيون آء ايم ايف پروگرام ۾ رهندا سين نائون جائزو مڪمل ڪرڻ اهم آھي.ذريعن موجب موجوده پروگرام جيڪو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي ان جو 2 رب ڊالر کان وڌيڪ قرض ملڻو آهي، هڪ ارب ڊالر قرض لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن اسٽاف ليول معاهدو نه پيو ٿئي، اسٽاف ليول معاهدو ٿي به ويو ته ڏهين ۽ يارهين جائزي لاءِ ڳالهيون اڃا ٿيڻيو هونديون. 30 جون کان پهرين ٻه جائزا ڳالهيون مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي، بجيٽ کان فوري پوءِ ايندڙ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان سڳالهيون ڪيون وينديون. حڪومت ڳالهيون مڪمل نه ڪري سگھي ته نگران حڪومت نئون قرض مڪمل ڪندي. ٻئي پاسي بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته بجيٽ کان اڳ پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيڻ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽڊ سبسڊي تي ڪو اعتراض ڪونهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيوته آءِ ايم ايف ڪافي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڪڏهن هي معاملو ڪڏهن هو، سياسي معاملن تي به ڪري ٿو. عالمي مالياتي اداري هاڻي اسان کي ڊڪٽيشن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سياست تي ڊڪٽيشن ٿو ڏئي.