
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هائوسنگ اينڊ ورڪس وزارت، پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ موجود 709 خالي پوسٽن کي مستقل طور ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي رائٽ سائيزنگ پاليسي تحت وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ هاءِ پاور ڪاميٽي جي سفارشات جي روشني ۾ مالي انتظام ۽ اختيارن واري شيڊول تحت مقرر ڪيل اختيارن کي استعمال ڪندي 709 ڊگهي عرصي کان خالي رهندڙ پوسٽن کي مستقل طور ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جنهن جو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ختم ڪيل پوسٽن ۾ آرڪيٽيڪٽ، اسسٽنٽ آرڪيٽيڪٽ، اسسٽنٽ فنانشل ايڊوائيزر، ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هارٽيڪلچر، اسپورٽس آفيسر، اسسٽنٽ لائبريرين، اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري، سينيئر ڊرافٽس مين، اپر ڊويزن ڪلارڪ، جونيئر ڪلارڪ، جونيئر ڊرافٽس مين، ڪمپيوٽر آپريٽر، ماڊل ميڪر، دفتري، نائب قاصد، فراش ۽ چوڪيدار شامل آهن.