اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻي وڏي شرط پوري ڪري ڇڏي آهي، هاڻي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿاهين سرڪاري آفيسرن جا اثاثا عوامي طور تي ظاهر ڪيا ويندا. صدر آصف علي زرداري جي منظوري سان سول سرونٽس ترميمي ايڪٽ 2025ع جو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هي نوٽيفڪيشن سڀني وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز کي موڪلي ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سول سرونٽس ايڪٽ 1973 ۾ سيڪشن 15 کان پوءِ نئون سيڪشن 15 (اي) جو اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل هاڻي ايف بي آر (فيڊرل بورڊ آف ريونيو) جي ذريعي پبلڪ ڪيا ويندا. سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي خاندان جا تفصيل به جمع ڪرائڻا پوندا. نوٽيفڪيشن موجب آفيسر ملڪي ۽ غير ملڪي اثاثن ۽ مالي حيثيت بابت آگاهي فراهم ڪندا ۽ اثاثن بابت معلومات ڊجيٽل طريقي سان فائيل ڪرڻي پوندي. ان سان گڏ نوٽيفڪيشن ۾ اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته آفيسرن جي ذاتي معلومات جي رازداري جو خيال رکيو ويندو.