لاهور(م ڊ) آءِ ايم ايف پاران 7 ارب ڊالرز واري پروگرام جي منظوري جو امڪان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ سان گڏجاڻي اڄ ٿيندي، پاليسي ريٽ گهٽ  ٿيڻ سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، حڪومتي قدم سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ به واڌ ٿي آهي، نجي شعبو ملڪ کي ترقي ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، معاشي استحڪام لاءِ مضبوط بنياد رکي  ويندي