اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوام کي بجلي جي بلن ۾ ڪيئن ۽ ڪيترو رليف ڏنو وڃي؟ آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان لکت ۾ پلان گهري ورتو، ناڻي جي نگران وفاقي وزير شمشاد اختر پاران آءِ ايم ايف جي نمائنده ايسٽر پيريز آڏو بلز ۾ رليف بابت تجويزون پيش ڪيون ويون، آءِ ايم ايف سوال پُڇيو ته ڇا بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ سان ٽيڪس گهٽجي ويندو؟ جيڪو ٽيڪس گهٽجي ويندو، اُن لاءِ ڪنهن ٻي مد ۾ رقم ڪڍي ويندي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف بجلي جي بنيادي ٽيرف ۽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ناڻي وزارت آگسٽ جا بجلي بل 6 مهينن جي قسطن ۾ وصولي ڪرڻ جي تجويز کان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو، آءِ ايم ايف جائزو وٺڻ بعد ان تي فيصلو ڪندو، آءِ ايم ايف کي حڪومت خاطري ڪرائي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي صارفين کي رليف ڏيڻ جون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، بجلي بلن ۾ سبسڊي جي ڪا به تجويز ناهي، گذريل ڏينهن ناڻي وزارت پاران آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ويو هو هوڏانهن نگران حڪومت معاشي صورتحال اندازن کان به وڌيڪ خراب قرار ڏئي ڇڏي، ناڻي وزير شمشاد اختر سينيٽ جي ڪاميٽي ۾ چيو ته معاشي صورتحال اندازي کان وڌيڪ خراب آهي، سبسڊي ڏيڻ جي ڪا به مالي گنجائش ناهي، آءِ ايم ايف معاهدو ورثي ۾ مليو ان ٻيهر ڳالهه نٿي ٿي سگهي، ڪاميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير مهانگي بجلي تي سوال اٿاري ڇڏيا، چوڌري انوارلحق چيو ته آءِ ايم ايف اسان جو مسئلو ناهي، تربيلا ڊيم جي بجلي ڪشمير کي ڇو نٿي ملي؟ سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته بجلي جي بل ۾ واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي نگران ناڻي وزير شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلنداسين ته پرڏيهي امداد ملندي، سموري صلاحيت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين، پوءِ به توهان کي صبر ڪرڻو پوندو، ناڻي جي نگران وفاقي وزير جي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت جا خرچ مُشڪل سان پورا ٿي رهيا آهن، مارڪيٽ مان 23 سيڪڙو تي قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، آمدني جو 70 سيڪڙو قرض ڀرڻ ۾ لڳي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شمشاد اختر چيو ته بجلي جي شعبي ۾ گهڻي عرصي کان رعايتون ڏنيون ويون، اهي پاليسيون اسان ته نه ٺاهيون آهن، ڏهاڪن کان جاري پاليسين کي هڪ ڏينهن ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي، حڪومت نيڪ نيتي سان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي.