واشنگٽن (م ڊ ) آءِ ايم ايف آمريڪا جي ڏيوالو ٿيڻ بابت خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا جي معيشت ڪِرندي رهي ته پوءِ عالمي معيشت تي ان جا سنگين اثر پوندا. آءِ ايم ايف جي ترجمان جولي ڪوزيڪ چيو ته ملڪي قرضن جي تيزي سان وڌڻ سبب آمريڪا جي ڊيفالٽ ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن.  آءِ ايم ترجمان آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته هو گڏجي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪن ۽ جلد کان جلد وڏا فيصلا ڪري معاملي کي حل ڪن.. آءِ ايف ترجمان چيو ته آمريڪي اختيارين کي علائقائي بينڪن سوڌو آمريڪي بينڪنگ سيڪٽر ۾ نئين ڪمزورين تي هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، تمام گھڻي وياج جي شرح جي ماحول ۾ اهي ڪمزوريون ايڊجسٽمينٽ دوران سامهون اچي سگھن ٿيون.