شارجا (اسپورٽس نيوز) آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ ايم آءِ اميريٽس شارجا واريئرز کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، شارجا واريئرز پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون، واريئرز طرفان جيسن چارلز 59، اوشڪا فرنانڊو 39، لوڪ ويلز ۽ ڪريم جنت 18، 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ايم آءِ اميريٽس طرفان فضل حق فاروقي 4، الزاري جوزف 2، روماريو شيفرڊ ۽ وقار سلام خيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ گهربل هدف ايم آءِ اميريٽس جي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو، ايم آءِ اميريٽس طرفان محمد وسيم 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪسل پريرا 56 ۽ ٽوم بينٽن 102 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، شارجا واريئرز طرفان واحد وڪيٽ دلشان مڌوشانڪا ورتي، جڏهن ته پليئر آف دي ميچ 102 رنسون ٺاهيندڙ ٽوم بينٽن کي قرار ڏنو ويو.