آءِ ايف ايم جو شرط پورو ڪري 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺنداسين: شوڪت ترين

0
201
آءِ ايف ايم جو شرط پورو
آءِ ايف ايم جو شرط پورو ڪري 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺنداسين: شوڪت ترين

ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت 12 جنوري کان اڳ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جون شرطون پوريون ڪندي

ذريعن موجب وفاقي حڪومت ترميمي فنانس بل اڱاري 28 ڊسمبر تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي قسط ترميمي فنانس بل سان مشروط آهي جڏهن ته فنانس بل سان گڏ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختاري بل به اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو

ٻئي طرف ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته ڇهين جائزو رپورٽ 12 جنوري تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي

شوڪت ترين جو چوڻ آهي ته پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪندو، ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط اها آهي ته ترميمي فنانس بل اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ضروري آهي ان ڪري ترميمي فنانس بل آرڊيننس مان لاڳو نه ٿيندو

ھي به پڙھندا

ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو