جده(م ڊ) نگران وزير اعظم انوار الحق سعودي عرب جي دوري تي پهچي ويو آهي، پي ايم هائوس جَي ترجمان نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو آهي رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪستان ۽ پاڪستاني سفارتي عملي آجيان ڪئي. وزير اعظم انوار الحق او آءِ سي جي فلسطين جي تازي صورتحال تي ڪوٺايل هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، عرب ميڊيا کي انٽرويو ۾ پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ انٽر سروسز انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ) جي سربراهه جنرل نديم انجم جي مدي ۾ واڌ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اها واڌ حڪومتي پاليسي ۾ “تسلسل” لاءِ ڪئي وئي آهي. ليفيٽيننٽ جنرل نديم انجم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وارو هو پر هاڻي مدي ۾ واڌ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ عهدي تي برقرار رهندو. سعودي ميڊيا عرب نيوز کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته حالتن موجب ڪجهه ماڻهن کي ڪم جاري رکڻ گهرجي، حڪومت جا فوج سان تمام سٺا تعلقات آهن ڪيترن ئي چيلينجن ۾ اسان فوج کان نه صرف سٺيون تجويزون ورتيون پر عملدرآمد ۾ تعاون به ڪيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مدي ۾ واڌ متعلق سوال تي هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي حڪومتي پاليسين جي تسلسل لاءِ حالتن موجب ڪجهه ماڻهن کي ڪم جاري رکڻ گهرجي اهو ڪو غير معمولي ناهي. وزيراعظم ڪاڪڙ چيو ته رياست کي مدي ۾ واڌ جو صوابديدي اختيارآهي.