اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾صحافي مطيع الله جان ۽ اسد طور جي ڪيسن ۾ جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن مسعود بنگش ۽ آءِ جي اسلام آباد پيش ٿيا. ايس ايس پي مسعود بنگش کان عدالت جڏهن پڇيو ته ٻڌايو ته ڇا جاچ ٿي آهي ته هُو جواب نه ڏئي سگهيو. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هن وقت پوليس وارا پنهنجو تحفظ ڪندا آهن. هڪ ايس ايس پي سطح جي آفيسر وٽ خبر ناهي ڪيترا گارڊ آهن جيڪي هن جو تحفظ ڪندا آهن پهريان پوليس وارا شهرين جو تحفظ ڪندا هئا هاڻي هو پنهنجو تحفظ ڪندا آهن. عدالت ۾ اسد طور پيش ٿي چيو ته منهنجي واقعي ۾ جيڪي ملوث ماڻهو هئا انهن جا اسڪيچز ٺاهيا ويا پر اهي شايع نه ڪيا ويا. منهنجي ڪيس ۾ جيو فينسنگ درست طريقي سان نه ڪئي وئي. مون تي حملي وقت هڪ جوابدار کي ڪال اچي وئي هئي. ان جي جاچ ناهي ڪئي وئي. چيف جسٽس پوليس کان پڇيو ته ايس ايس پي صاحب ٻڌايو ائين ڇو نه ڪيو؟ ڇا هڪ صحافي جي زندگي اوهان لاءِ اهم ناهي؟ جيڪڏهن اسد طور کي اغوا ڪرڻ لاءِ آيلن جو فون ٽريس ڪيو وڃي ها ته ڪيس حل ٿي وڃي ها. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان هن جاچ ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين. چيف جسٽس ايس ايس پي مسعود بنگش جي ڪارڪردگيءَ تي رمارڪس ڏيندي چيو ته هن آفيسر کي فوري استيعفا ڏيڻ گهرجي، هن کي جاچ متعلق ڄاڻ ناهي ۽ هن کي سچ ڳالهائڻ به نٿو اچي. آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿي هر ڳالهه تي سر سر جو لفظ استعمال ڪيو. جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي جيڪڏهن سر جو لفظ ڳالهايو ته عدالت جي ڪمري مان ٻاهر هليا وڃو. اها حالت آهي ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي جيڪو پنهنجي بيانن سان عدالت سان کيڏي رهيو آهي. آءِ جي صاحب اهو ٻڌايو ته اوهان جي خيال ۾ ٻن صحافين کي ڪير نقصان پهچائي سگهي ٿو؟ لڳي ٿو هن ڪيس ۾ ڪو طاقت وارو ملوث آهي. لڳي ٿو ته اوهان جا به پر سڙن ٿا. جيئن اسد طور ڪيس جي جاچ ٿي رهي آهي اها مڪمل نه ٿيندي. چيف جسٽس اسد طور کان پڇيو ته ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته حملو ڪندڙ ڪير هئا؟ اسد طور جواب ڏنو ته جيڪي حملي آور هئا انهن چيو انهن جو تعلق آءِ ايس آءِ سان آهي. چيف جسٽس آءِ جي، کي چيو ته ڇا پوليس آءِ ايس آءِ وارن کان پڇيو هيو؟ آءِ جي جواب ڏنو ته اسان وزارت دفاع وارن کان پڇيو هيو. چيف جسٽس چيو ته ڇا جن تي الزام لڳايو ويندو آهي انهن کان پڇيو ويندو آهي يا ڪنهن ٻئي کان، مان جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪندس ته اوهان مون کان پڇا ڪندا يا رجسٽرار کان؟ آءِ جي جواب ڏنو ته اوهان کان پڇا ڪنداسين. ۽ قانون کان ڪو به بالاتر ناهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ته اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏي ڄڻ اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهي. هاڻي سڀاڻي جي اخبار هيڊ لائين هوندي آءِ جي بيان ڏئي ڇڏيو اهو ٻڌايو ته وزارت دفاع جو ڇا جواب آيو؟ آءِ جي چيو ته هن وقت تائين ڪو به جواب ناهي آيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇو وزارت دفاع ڪنهن ٻئي ساري تي آهي جو جواب نه پيو اچي. سمجهه ۾ ناهي ايندو پوليس پنهنجو ڪم ڇو ناهي ڪندي، 21 هين صدي اچي وئي آهي هي پوليس وارا شرمندا نه ٿيندا انهن کي سيکاريو ويو آهي ته اوهان ڪورٽ ۾ وڃو سر سر چئو. مکڻ لڳايو ڪورٽ کي ۽ هليا وڃو. ڇو نه اِن تي اوهان مٿان ڪميشن ويهاريو وڃي. سياسي مخالفت ۾ ڪجهه ماڻهن کي مارڪٽ تي اچي ويندا آهيو، پر ان معاملي تي سڀ هڪ ٿي ويندا آهن. صحافي مطيع الله جان چيو ته مون کي اغوا ڪرڻ وقت منهنجو فون به کڻي ويا، اهو اڄ تائين واپس ناهي مليو. منهنجو فون هڪ پوليس واري کنيو هيو، ان جي وڊيو موجود آهي. عدالت ابصار عالم، مطيع الله جان، اسد طور تي حملي جي جاچ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اسد طور حملي جي جوابدارن جا خاڪا اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گرفتاري لاءِ انعامي رقم مقرر ڪئي وڃي.