انساني تاريخ جو رخ اڪثريتي ٽولي نه پر سلجهيل ۽ سڄاڻ انسانن جي هڪ ننڍي ٽولي موڙيو آهي. اهو ٽولو هٿيارن سان ليس طاقتور ٽولي ۽ مُروج ثقافت جي انڌي تقليد بدران “اکِ الٽي ڌار” وارو هڪ ننڍو ٽولو آهي. ان ٽولي ۾ شامل بظاهر ڪمزور ۽ پوڙهن جوڌن وٽ هٿ ۾ ڪو هٿيار نه پر قلم آهي؛ سندن ذهن ۾ وِڌل ٺهيل ٺُڪيل جوابن بدران انيڪ سوال آهن؛ سندن ملڪيت ۾ اڻ ڳڻيو ناڻو، شاندار محل بنگلا ۽ گاڏيون ناهن، پر قديم ڪتابن جون لائبريريون ۽ جديد ڊجيٽل معلوماتي ۽ تجزياتي وسيلا شامل آهن؛ سندن گهڻو تڻو وقت گپ شپ يا شراب ۽ شباب جي محفلن ۾ نه پر ڪتابن جي ورق گرداني، سماجي اوڻاين جي عميق مشاهدن ۽ تحقيق توڙي تخليق جي تجربن ۾ گذرندو آهي؛ سندن زندگي ۾ توڙي جو کين حقي مڃتا پلئه ڪانه پوندي آهي، پر اها حقيقت آهي ته موت انهن کي ماري نه سگهندو آهي ۽ اهي تاريخ جي ورقن ۾ طبعي موت کان پوءِ به سدا امر ۽ سدا حيات رهندا آهن. ان ننڍي پَر عظيم انسانن جي ٽولي ۾ شاعر، اديب، محقق ۽ دانشور اچي وڃن ٿا. سيوهڻ جي تاريخي مٽي خالص سائنسز ۾ جيڪڏهن گهٽ نڀايو آهي، پر سماجي سائنسز يعني تاريخي ۽ تخليقي ادب جي ميدان ۾ پاڻ ضرور ملهايو آهي. هن سلسلي ۾ سيوهڻ ڄائو الطاف انصاري توڙي جو شاعري جي ميدان ۾ نئون لٿو آهي، پر سندس شاعري جو پهريون ڪتاب “آءُ ته ڪي سپنا اُڻون” پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ برملا اهو اقرار ڪندا ته پاڻ نه رڳو هڪ رومانوي، فطرت پسند، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ پختو شاعر آهي، پر هو فرسوده سوچن ۽ نظرين کي للڪاريندڙ هجڻ سان گڏ پنهنجي ديس تي پنهنجن توڙي ڌارين جي ڌاڙن ۽ ويساهه گهاتين تي رت روئندڙ ۽ پنهنجي ديس کي ذلت جي ڌٻڻ مان اُڪارڻ جي اميد جڳائيندڙ شاعر آهي. توڙي جو سندس پهرئين ۽ تازي ڇپايل ڪتاب “آءُ ته ڪي سپنا اُڻون” ۾ پاڻ عشق، وصل، وڇوڙو، درد، آس ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي پنهنجي قلم هيٺ آندو آهي، پر هتي آئون سندس شاعري جي فقط فلسفياڻي ۽ نظرياتي پهلوئن جو جائزو وٺندس.انسان جانورن مٿان ٻوليءَ کي اتم درجي تي استعمال ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي انحصاري، تعاون ۽ تنقيدي سوچ جي ڪري ئي سبقت رکي ٿو. الطاف انصاري هڪ غزل ۾ گهاڻي جي ڏاند بنجڻ بجاءِ واقعن مان عبرت وٺڻ جو سوال اٿاري ٿو:
ڏات ۽ ڏاهپ جي پانڌيءَ جو
پنڌ اجايو ٿيندو آ ڇا؟
…
ظلمتن جي زاوين ۾
پيا ڦريون بس دائرن ۾
جي نه ٿا عبرت وٺو
ڇا ٿا ڏسو واقعن ۾؟
ساڳئي تناظر ۾ موصوف انسان جي اهم ارتقائي ۽ جبلتي گڻ ۽ ڏات يعني غور فڪر ۽ تنقيدي سوچ کي استعمال ڪرڻ بابت هن ريت گوش گذار آهي:
عقل خدا جي نعمت آهي
سوچڻ ڏوهه ته ناهي سائين!
ويس وجودي پهري اچڻ ۾
پنهنجو ڏوهه ته ناهي سائين!
اها تنقيدي سوچ يقيناً شين ۽ لقائن کي بهتر، خوبصورت ۽ اثرائتي طور بيان ڪرڻ جي ڏات کان سواءِ اڌوري آهي؛ ٻي صورت ۾ ڀٽ ڌڻي چواڻي ته “الا ڏاهِي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن، مون سين مون پريَن ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا” وارو احساس اندر پيو کائيندو آهي:
مولا هڪڙو عرض اگهامي،
ڏات ملي يا ڏاهه وڃي.
ايئن نه ٿئي جو عمر منجهاران،
ساهه بچن، ساڃاهه وڃي.
مذهب جا ٺيڪيدار مذهب جي آڙ ۾ پنهنجا پنهنجا دوڪان چمڪائڻ لاءِ انتهاپسندي، جنونيت ۽ نفرتن کي وڏي پيماني تي پکيڙي ماڻهو کي ماڻهو جو دشمن بنايو ويٺا آهن، پاڻ رقم طراز آهي ته:
پِير، مخدوم، مولانا
دين ۾ دُڪان ڪيڏا هِن!
…
ڪو ته مفتيءَ کي مِنبرَ تان لاهي اچي
ڪو ممڻ هي مچائي، انهي کان اڳي
….
بوءِ فتني جي اُٿِي منبر منجهان
ڏس وري ڪو فتنو پيو فرمائي
…
آ خدا جي اوٽ ۾ ڌوڪو پڪو
مذهبي گفتار جون ڳالهيون نه ڪر
…
ماڻهو کي ماڻهو سان جهيڙي
پٽي اهڙي پڙهايو ڇو ٿا؟
عقل ڪُل جو خود کي ڄاڻي
اهڙي سان ڳالهايو ڇو ٿا؟
اهو ئي سبب آهي جو تقريباً هر مذهب اندر باغي ڌر صوفي ازم (Mysticism) جي پاڇي هيٺ اهڙي دقيانوسي سوچ کان بغاوت جو اعلان ڪندي، انسان پسنديت (Humanism) کي سڀني مذهبن کان مٿانهون درجو پئي ڏنو آهي. اچو ته انصاري جي چونڊ غزلن مان هن سلسلي جون ڪجهه سٽون نظر مان ڪڍون:
مسجد ڇا هي، مندر ڇا هي!
سڀڪجهه ماڻهوءَ اندر آهي
…
اشلوڪ ڀي پڙهيا مون، پٿر کي پوڄيو ڀي
پر جن کي سچ هو ڄاتو، ڪُوڙيون هيون ڪٿائون
…
منهنجو محمدصه منهنجو رام
تنهنجو ڇو ٿو ساهه سڙي؟
ماڻهوءَ جي يا مذهب جي
تون ڏس! آهين ڪهڙي ڌڙي
…
اندر جي آواز تي هل تون
مفتيءَ جو فرمان رهڻ ڏي
خدمت ۾ ئي آهي عبادت
باقي سڀ ارڪان رهڻ ڏي
…
هي ڪائنات 13.8 ارب سال اڳ وجود ۾ آئي هئي، هلي رهي آهي ۽ پئي هلندي. اها ايتري ته وسيع آهي، جو اسان جي زمين جنهن نظامِ شمسي جو حصو آهي، ان جهڙا پدمين شمسي نظام کربن کربين ڪهڪشائن جو معمولي حصو بڻيل آهن. هن وشال ڪائنات ۾ اسان جي ڌرتي جي هجڻ، نه هجڻ سان ڪو فرق نه پوندو. ظاهر آهي ته ڌرتيءَ تي موجود غير نامياتي توڙي نامياتي مادي يعني نام نهاد بيجان ۽ جاندار مادي جي لکين قسمن ۽ روپن جو وجود پڻ ڪنهن خاص ڳڻپ ۾ نه ٿو اچي. پر ان جي باوجود 3.5 ارب سال اڳ نامياتي زندگي هڪ گهرڙي وارن جاندارن مان ارتقا ڪندي گهڻ گهڙي وارن جاندارن تائين پهتي آهي جيڪا اپائيندڙن (Producers i.e. plants etc.)، واپرائيندڙن (Consumers i.e. animals, humans etc.) ۽ تحليل ڪندڙن (Decomposers i.e. micro organisms& germs etc.) تي مشتمل آهي. ان ۾ انسان وچئين گروهه يعني واپرائيندڙن ۾ شامل آهي. اها ڪائنات ايتري ته وشال آهي جو 300،000 (ٽي لک) ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان هلندڙ روشني پڻ اربين نوري سالن (Light years) جي سفر کان پوءِ به ان جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين نه ٿي پهچي سگهي. ان باوجود به جيڪي ڌريون پاڻ کي يا سندن فلسفي کي عقلِ ڪُل ٿيون سمجهن، اهي بي شڪ کوهه جا ڏيڏر آهن. الطاف انصاري پنهنجي نظم ”ڀُلَ“ ۾ چوي ٿو:
ٽٻڪي جيڏي ڌرتي آهي
ڪائنات جو ڪاٿو ناهي
ڪوريئڙي جي ڄار جيان
ماڻهو جنهن ۾ ڦاٿو آهي
پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته الطاف انصاري جي هن ڪتاب جي شاعري (غزلن، وائين ۽ نظمن) ۾ خيال جي اونهائي، تسلسل، موسيقيت، رڌم ۽ هڪ انوکي خوبصورتي آهي جيڪا هن تبصري ۾ عنوان سان ٺهڪندڙ غزلن ۽ نظمن جي چونڊ شعرن ۽ سٽن مان يقيناً گهٽ ئي محسوس ٿي هوندي. انڪري سندس شاعري مان مڪمل لطف اندوز ٿيڻ ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون پرائڻ لاءِ پڙهندڙن کي سندس ڪتاب ترتيب سان ۽ مڪمل پڙهڻ گهرجي.